افغانستان جي مختلف صوبن ۾ هوائي حملا، ٻائيتاليهه ڄڻا مارجي ويا

news

ڪابل: ڇنڇر 20 جولاءِ 2019ع: افغانستان جي صوبن ۾ هوائي حملن ۾ 42 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

افغان ميڊيا موجب پهريان ٻه هوائي حملا باغديس صوبي ۾ ڪيا ويا جنهن ۾ 10 ڄڻام ارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. ٻيا هوائي حملا قنڌار صوبي جي ڏکڻ ۾ ڪيا ويا، حملن ۾ 32 طالبان مارجي ويا ۽ 18 زخمي ٿي پيا.

قنڌار پوليس چيف ميجر جنرل تادين موجب باغديس ۽ قنڌار ۾ هوائي حملا پرڏيهي فوج ڪيا ۽ طالبان سان گڏ ڪيتارئي شهري پڻ مارجي ويا.