(ن) ليگي عورت اڳواڻ فوزيه ايوب قريشي جي گهر مان چار مڻ چرس هٿ

news

بهاولپور: (آچر 21 جولاءِ 2019ع) اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻي عورت اسيمبلي ميمبر فوزيه ايوب قريشي جي گهر مان 4 مڻ چرس هٿ ڪري ان جي پٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس بهاولپور ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻي عورت اسيمبلي ميمبر فوزيه ايوب قريشي جي گهر تي ڇاپو هنيو، ڪارروائي جي دوران گهر مان 4 مڻ چرس هٿ آئي.

اي اين ايف اهلڪارن فوزيه ايوب جي پٽ طيب ايوب کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ٻئي طرف اينٽي نارڪوٽيڪس فورس بهاولپور مان ئي(ن) ليگ جي اڳوڻي اميدوار اسلم رند جي پٽ عديل اسلم کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

اي اين ايف ٻنهي جوابدارن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.