اسٽيٽ بئنڪ سمورين بئنڪن کي پرڏيهي ڪرنسي جي خريد ۽ وڪري جي اجازت ڏئي ڇڏي
ويب ڊيسڪ | 5 مھينا پھريان

ڪراچي: (آچر 21 جولاءِ 2019ع) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سمورين بئنڪن کي پرڏيهي ڪرنسي جي خريد ۽ وڪري جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب اسٽيٽ بئنڪ فارن ايڪسچينج مينوئل ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ بئنڪون پنهنجي سمورين شاخن تان پرڏيهي ڪرنسي جي خريد ۽ وڪرو ڪري سگهنديون. ڪسٽم ڊڪليئريشن جي صورت ۾ 10 هزار ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي ڪرنسي به بئنڪن کي وڪرو ڪري سگهبي.
پاڪستاني شهرين کانسواءِ پرڏيهي شهري به بئنڪن کي پرڏيهي ڪرنسي وڪرو ڪري سگهندا. اسٽيٽ بئنڪ موجب پرڏيهه ملڪ سفر ڪندڙ پاڪستاني به بئنڪن مان مقرر حد موجب پرڏيهي ڪرنسي خريد ڪري سگهندا، بئنڪ پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽن مان ڪڍيل رقم به خريد ڪري سگهنديون.
مرڪزي بئنڪ جي قدمن تي معاشي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي فارن ايڪسچينج مينوئل ۾ ترميم سان ڊالر جي بليڪ مارڪيٽنگ جو خاتمو ٿيندو.

73