ايران ۽ برطانيه جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿي: جرمني

news

برلن: (سومر 22 جولاءِ 2019ع) جرمني ايران کي خبردار ڪيو آهي ته خليج فارس ۾ واپاري  سامونڊي ٻيڙن کي تحويل ۾ وٺڻ سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو جيڪو جنگ جو سبب به بڻجي سگهي  ٿو.

جرمن اخبار(بِلڊ) کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ جرمني جي پرڏيهي وزير هائيڪوماس چيو ته ايران جي طرفان هڪ برطانوي آئل ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺڻ ۽ ٻئي ساموندي ٻيڙي کي عارضي طور تي تحويل ۾ وٺڻ سان خليج فارس ۾ صورتحال پهريان کان انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آهي جيڪا جنگ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي. 

هائڪوماس چيو ته ڪنهن به فوجي محاذ آرائي سان ڪنهن کي به فائدو نه ٿيندو. پر ان ۾ سڀني جو سراسر نقصان  آهي ڇو ته هي فوجي جهيڙو ڪنٽرول کان ٻاهر به نڪري سگهي ٿو. هن ايراني اڳواڻن تي زور ڀريو ته صورتحال کي ڇڪتاڻ واري ٿيڻ کان روڪين ۽ پنهنجون ذميواريون ادا ڪن.

جرمني جي پرڏيهي وزير چيو ته يورپي يونين جي ڪوشش آهي ته مسئلي کي سمجهداري ۽ عقلمندي سان گڏ سفارتي طور تي حل ڪيو وڃي. ياد رهي ته ايران آبنائي برمز ۾ برطانيه جي ٻن ساموندي ٻيڙن کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو جن مان هڪ کي ڪجهه دير کان پوءِ ڇڏيو ويو جڏهن ته ٻيون اڃان تائين سندس قبضي هيٺ آهي.