مودي ڪڏهن به آمريڪي صدر کي ڪشمير مسئلي بابت ٽياڪڙي جي درخواست ناهي ڪئي: ڀارت

news

نئين دهلي: (اڱارو 23 جولاءِ 2019ع) ڀارت چيو آهي ته وزيراعظم نريندر مودي ڪڏهن به آمريڪي صدر کي ڪشمير مسئلي بابت ٽياڪڙ بنجڻ جي درخواسٽ ناهي ڪئي.

ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رويش ڪمار جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صحافين سان ڪيل ڳالهيون ٻڌيون جنهن ۾ هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت چاهي ته هو ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي لاءِ تيار آهي.

جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪڏهن به آمريڪي صدر کي ٽياڪڙي جي درخواست ناهي ڪئي. ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمير مسئلي تي ڀارت جو مستقل موقف رهيو آهي ته پاڪستان سان گڏ سمورا حساس معاملا ٻئي ملڪ گڏيل طور تي طئي ڪندا. ڪنهن به قسم جون ڳالهيون پاڪستان جي طرفان سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي سان ٻڌل آهن.

ڀارتي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته شملا معاهدو ۽ لاهور اعلاميي جي حوالي سان پاڪستان ۽ ڀارت سمورا  مسئلا گڏيل طور تي ئي حل ڪندو. ٻئي طرف ڀارت جي اڳوڻي وزير ششي تهرور چيو آهي ته ٽرمپ کي خبر ئي ناهي ته هو ڇا چئي رهيو آهي. هن سان مودي ملاقات وقت جيڪو ڪجهه چيو هو يا ته  ٽرمپ سمجهيو نه يا ٽرمپ کي بريفنگ نه ڏني وئي. ششي تهرور چيو ته ٽرمپ کي خبر ئي ڪونهي ته ڪشمير تي ڪنهن ٽئين ملڪ جي طرفان ٽياڪڙي بابت ڀارت جو موقف ڇا آهي.

ياد رهي ته وزيراعظم بنجڻ کان پوءِ  پنهنجي پهرين آمريڪا جي دوري ۾ وزيراعظم عمران خان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وائٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي هئي.