گهوٽڪي ۾ ننڍي چونڊ جو عمل شروع: مامو ۽ ڀاڻيجو آمهون سامهون، فوج مقرر

news

گهوٽڪي: (اڱارو 23 جولاءِ 2019ع) گهوٽڪي ۾ ننڍي چونڊ جي لاءِ پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي جيڪو شام جو پنج وڳي تائين بغير ڪنهن وقفي سان جاري رهندو.

ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي محمد بخش مهر جو پنهنجي ڀاڻيجي احمد علي خان مهر سان ننهن چوٽيءَ جي مقابلي جو امڪان آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 جي خالي سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ شروع ٿي وئي آهي، پولنگ صبح 8 وڳي کان شام پنجين تائين بنا وقفي جاري رهندي.

گهوٽڪي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 تي پ پ اميدوار محمد بخش مهر ۽  آزاد اميدوار احمد  علي مهر وچ ۾ چوٽي جي مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. گذريل ڏينهن پولنگ جو سامان ڊگري ڪاليج گهوٽڪي مان پوليس ۽ رينجرز جي نگراني ۾ پولنگ اسٽيشنز تي پهچايو پيو وڃي. پولنگ اسٽيشن اندر سي سي ٽي وي ڪئميرائون به لڳايون ويون، گھوٽڪي جي سرڪٽ ھائوس ۾ اليڪشن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آھي. اليڪشن ۾ 2 ھزار 314 ملازم پنھنجون ذميواريون سنڀاليندا، پولنگ لاءِ تڪ ۾ ڪل 290 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪـيون ويون آھن، جن مان 125 پولنگ اسٽيشنز کي انتھائي حساس ۽ 165 کي حساس قرار ڏيندي سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.

جڏهن ته پوليس جا 3200 اھلڪار، پاڪ فوج جا ھڪ ھزار 14 ۽ رينجرز جا 900 جوان سڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندا. اليڪشن جي سڪيورٽي جي نگراني ايس ايس پي گھوٽڪـي فرخ لنجار ڪندو، صحت کاتي جي عملي کي الرٽ رھڻ جون ھدايتون ڪيون ويون آھن،گھوٽڪي ضلعي جي ٽنهي تعلقن گهوٽڪي، خانڳڙھ ۽ ميرپور ماٿيلو جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ھوندي. اين اي 205 تي ووٽرن جو ڪل انگ 3 لک 60 هزار 8 سئو 75  آھي، جن ۾ 2 لک 48 هزار 912 مرد ۽ 1 لک 58 هزار 835 عورت ووٽرز شامل آهن جڏهن ته چونڊ واري ڏينهن پولنگ اندر موبائيل فون کڻي وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

هن تڪ تي 9 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته اصل مقابلو پ پ جي سردار محمد بخش خان مهر ۽ سندس ڀاڻج آزاد اميدوار احمد علي خان مهر وچ ۾ ٿيندو. محمد بخش مهر کي پ پ، جي يو آءِ سميت مختلف ڌرين جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته احمد علي مهر کي جي ڊي اي، پي ٽي آءِ ۽ ٻين مختلف ڌرين جي حمايت حاصل آهي، ان سلسلي ۾ چونڊن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، پاڪ فوج جي جوانن جي نگراني ۾ پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ عملو ۽ پولنگ جو سامان پڻ پهچايو ويو آهي. هتي عورت ووٽرن جو تعداد 155835 آھي، عورتن لاءِ 396 بوٿ ھوندا ۽ مردن لاءِ 471 بوٿ قائم ھوندا، اليڪشن ڪميشن طرفان تڪ جي 125 پولنگ اسٽيشنن کي انتھائي حساس قرار ڏنو ويو آھي جڏھن ته 164 حساس آھن رڳو ھڪ پولنگ اسٽيشن نارمل آھي، اليڪشن ڪميشن طرفان رانا عبدالغفار ڊي آر او… پرويز ڪلھوڙو کي  آر او، اعجاز ھاليپوٽو ۽ منظور نائچ کي اي آر او مقرر ڪيو ويو آھي.

290 پولنگ اسٽيشنز تي  867 اسسٽنٽ پرزايڊنگ آفيسر.. 867 پولنگ آفيسر ۽ 290 نائب قاصد مقرر ڪيا ويا آھن، صحت کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي، چونڊون پاڪ فوج جي نگراني ۾ ٿي رھيون آھن.. پاڪ فوج جا 1014 ھڪ ھزار چوڏهن جوان ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.. جڏھن ته رينجرز جا جوان به پوزيشن ۾ ھوندا، اليڪشن ڊيوٽي لاءِ پوليس جا 3200 پوليس اھلڪار مقرر ھوندا. ھڪ ھزار پوليس آفيسر اھلڪار گشت ڪندا، ھر ٿاڻي تي 20 پوليس اھلڪار الرٽ ھوندا، جن کي اڻ وڻندڙ واقعي جي صورت ۾ طلب ڪيو ويندو، سرڪٽ ھائوس گھوٽڪي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آھي جنھن ۾ سموري نظام کي مانيٽر ڪيو ويندو، ڪمشنر سکر رفيق احمد ٻرڙو، ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا، ڊي سي گھوٽڪي خالد سليم ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي فرخ لنجار مانيٽرنگ آفيسر ھوندا. ياد رهي ته اها سيٽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر سردار علي محمد جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي.