ڪوٽڙي ۾ تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا لاءِ سيمينار

news

ڪوٽڙي: اربع 24 جولاءِ 2019ع:ڪوٽڙي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا وڌائڻ لاءِ ڪوٽڙي جي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ ضلعي سطحي سيمينار ڪوٺايو ويو، سيمينار ۾ ڊائريڪٽر سيڪنڊري، رسول بخش شاهه، ڊي او ڄامشورو غلام محي الدين شاهه، ڊائريڪٽر پرائمري محمد سفر ڪڇيار، بوائز هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر منظور، پنهور، قربان ميمڻ، مور برهماڻي، فرزانا چنا، روزينا بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سيمينار کي مقررن خطاب ڪندي چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت ۽ تعليم جو صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه قدم کڻي رهيو آهي، پروائيٽ اسڪولن کان سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر آهي، ان لاءِ اسان جي ڏينهن رات ڪوشش آهي ته وڌ مان وڌ ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ وڌ مان وڌ والدين پنهنجي ٻارڙن کي داخل ڪرائي رهيا آهن، ان لاءِ سال.2019.20  لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا ۾ واڌ ٿي آهي.

ان لاءِ والدين کي گهرجي ته اهي پنهنجي ٻارڙن  سرڪاري اسڪول تعليم ڏيارين ته جيئن اهي شاگرد سرڪاري اسڪولن مان تعليم پرائي اعليٰ مقام حاصل ڪن، ان لاءِ اهڙا سيمينار ضلعي ڄامشورو جي چئن تعلقن ٿاڻو بولاخان، مانجهند، سيوهڻ، ڪوٽڙي ۾ ڪرائڻ جو مقصد اهو آهي، عوام کي تعليم بابت آگاهي ڏيڻ آهي، علم جي اهميت توڙي سماج ۾ آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪوٺايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ تمام گهڻيون سھولتون ميسر ڪيون آهن، جنهن ۾ داخلا سميت ڪتاب مفت ڏنا وڃن ٿا. ان کانسواءِ امتحان جي في به معاف ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته شاگردياڻين کي ساليانو وظيفو پڻ ڏنو وڃي ٿو. جنهن ڪري هر شهري کي گهرجي ته پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪراين، سيمينار ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردياڻين ۽ شاگردن تعليم جي اهميت بابت ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.01