موبائل جا هاڃيڪار اثر پاڪستاني ٻارن ۾ پڻ ظاهر ٿيڻ لڳا

news

پشاور: اربع 24 جولاءِ 2019ع: ننڍي عمر جي ٻارن ۾ موبائل جي استعمال جا خراب اثر پيدا ٿيڻ لڳا آهن، موبائل جي گهڻي دير استعمال سان ٻارن ۾ اکين جون مختلف بيماريون به تيزي سان ڦهلجڻ لڳيون آهن، خيبرپختونخواهه، خاص طور تي پشاور ۾ به 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ موبائل استعمال ڪرڻ جي شرح ۾ روزانو واڌ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

ديهي علائقن جي ڀيٽ ۾ شهري علائقن ۾ رهندڙ ٻارن ۾ موبائل جو گهڻو استعمال مشاهدي ۾ آيو آهي، ٽن سالن کان 5 سالن جي عمر تائين جي ٻارن ۾ موبائل جو استعمال به تيزي سان وڌندو پيو وڃي جنهن سان انهن ٻارن ۾ اکين جون بيماريون، اکين ۾ خشڪي پيدا ٿيڻ، اکين جو سڙڻ ۽ نظر ڪمزور ٿيڻ سان گڏوگڏ ننڍي عمر ۾ چشمو لڳائڻ جو معاملو به وڌندو پيو وڃي.

ان باري ۾ پشاور جي ٽنهي وڏين سرڪاري اسپتالن مان انگ اکر گڏ ڪيا ويا، اکين جي بيمارين جي ماهر والدين کي گذارش ڪئي ته هو پنهنجي ٻارن سان زيادتي نه ڪن ۽ ٻارن کي موبائل فون کان پري رکن، ننڍي عمر جي گهڻي دير تائين موبائل، ٽيبليٽ، ليپ ٽاپ اسڪرين يا وڊيو گيمز  تي نظرون ڄمائي رکڻ سان ٻارن جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه تي انتهائي خراب اثر پوڻ لڳا آهن.

حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس اسپتال جي اکين جي بيمارين جي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر افضل قادر چيو آهي ته ٻارن ۾ موبائل جو استعمال نقصانڪار آهي، موبائل مان جيڪي شعاع نڪرن ٿا انهن جي ڪري اکين مان پاڻي وهڻ، دماغ جي ڪمزوري ۽ هڏين جي ڪمزوري، جهڙا موذي مرض به ٿي سگهن ٿا.

جيڪڏهن پنجن سالن کان گهٽ عمر جا ٻار روزانو ڪيترائي ڪلاڪ موبائل فون استعمال ڪن ته هو ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اکين جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويندا ۽ هڪ مرحلو اهڙو به ايندو ته انهن کي چشمي جي بنا ڏکيائي سان ڏسڻ نصيب ٿيندو. ڊاڪٽر افضل موجب جيڪي ٻار موبائل،  ٽيبليٽ ۽ وڊيو گيمز وڌيڪ استعمال ڪندا آهن انهن جي جسماني واڌ ويجهه به ان تيز يسان ناهي ٿيندي جهڙي طرح راند روند ڪرڻ، اُس وٺڻ ۽ موبائل استعمال نه ڪندڙ ٻارن جي جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه ٿيندي آهي.

راند رون ۽ روزانو اُس وٺڻ وارا ٻار تندرست به رهند آهن جڏهن  ته موبائل فون استعمال ڪندڙ اڪثر ٻار چيڙاڪ ٿي ويندا آهن، ان کان علاوه مشاهدي ۾ اها ڳالهه پڻ آئي آهي ته جيڪي ٻار گهڻي دير  تائين ڪمري ۾ بند رهندا آهن ۽ موبائل فون سان چمبڙيل رهندا آهن انهن ۾ اُس نه وٺڻ سبب وٽامن ڊي جي گهٽتائي به ٿي ويندي آهي. باري ۾ خبر پئي ۽ اسان وڏي تعداد ۾ متاثر گروپ چيٽس جي نشاندهي ڪئي.

اسان متاثر چيٽس کي بند ڪري ڇڏيو ۽ ميسينجر ڪڊز تي والدين کي واڌو وسيلن سان آن لائن تحفط فراهم ڪيو. ٽيڪنالاجي نيوز ويب سائٽ دي ورج ان معاملي تي پهريان رپورٽ ڪيو هو ۽ هڪ خطري جي باري ۾ والدين کي آگاهه ڪيو هو ته اها خامي ٻارن جي دوستن جي هڪ گروپ ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ٿو، جنهن ۾ اهي ماڻهو شامل ٿيندا آهن جيڪي ٻارن لاءِ منظور ڪيل فهرست ۾ شامل ناهن هوندا.