کاڻن ۾ حادثن جي روڪٿام لاءِ بلوچ شاگرد سمارٽ هيلمٽ متعارف ڪرائي ڇڏي

news

ڪوئيٽا: اربع 24 جولاءِ 2019ع: پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي جڏهن ته انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي کوٽ ملي ٿي.

ملڪ ۾ موجود ڪوئلي ۽ سون جي ذخيرن کي ڪڍڻ لاءِ اتي موجود عملي وٽ حفاظتي سامان پورو نه هجڻ سبب آئي ڏينهن حادثن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

انهن حادثن ۾ گهٽتائي ۽ کاڻ کوٽيندڙن جي حفاظت جي غرض کان بلوچستان سان تعلق رکندڙ شاگرد سمارٽ آءِ هيلمٽ ٺاهڻ جو منصوبو جوڙي ورتو آهي جنهن جي لاءِ هن هائر ايجوڪيشن ڪميشن کان هڪ ڪروڙ چاليهه لک روپيا گڏ ڪري ورتا آهن.

زيارت ضلعي سان تعلق رکندڙ شاگردن علي گل اهڙي سمارٽ هيلمٽ ٺاهي رهيو آهي جيڪا کاڻ کوٽيندڙن کي کاڻ جي صورتحال، اتي موجود زهريلي گيس، کاڻ ۾ ڌماڪي جي امڪانن کان علاوه اهم شين جي حوالي سان آگاهه ڪندو.

ان حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ٻڌايو ته گذريل سال کاڻ ۾ حادثن سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد دهشتگردي سبب ٿيندڙ موت کان وڌيڪ آهي.