سليڪٽيڊ وزيراعظم نئين پاڪستان جي نالي تي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي: شهباز شريف

news

لاهور: خميس 25 جولاءِ 2019: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم نئين پاڪستان جي نالي تي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.

ماڊل ٽائون لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب دوران شهباز شريف جو چوڻ هو ته ڪارڪنن کي نواز شريف جو سلام پيش ڪريان ٿو.

هن چيو ته اسان حساب وٺنداسين ته اسپتالن مان دوائون ڇو ختم ڪيون ويون، غربت ڪيئن وڌي، مهانگائي ڇو ٿي آهي، سليڪٽيڊ نئين پاڪستان جي نالي تي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. عوامي خدمت جي بدلي جان به هلي وڃي ته پرواهه ناهي.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته نواز شريف ۽ ان جي ساٿين ملڪ مان اونداهي ختم ڪئي پر ان کي جيل ۾ وڌو ويو. جيڪي جيل ۾ پيل آهن، انهن جو هڪ ئي ڏوهه آهي ته انهن غريبن جي مدد ڪئي.