نواز شريف کان جيل ۾ اي سي ۽ ٽي وي جي سهولت واپس ورتي وئي

news

لاهور: خميس 25 جولاءِ 2019ع: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان جيل ۾ ايئر ڪنڊيشنر ۽ ٽي وي جي سهولت واپس ورتي وئي.

جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا وڃن کان اڳ گهرو وزارت جيل اختيارين کي سهولتون ختم ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو.

ذريعن موجب خط ۾ لکيو ويو هو ته نواز شريف کي ڪوٽ لکپت جيل مينوئل موجب سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ايئرڪنڊيشنر ۽ ٽي وي جي سهولت ڏني وئي هئي.