بدين ۾ آبادگارن پاران عادو واهه مان واٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي چوري ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو

news

بدين: ايريگيشن سب ڊويزن ڪڍڻ جي عادو واهه شاخ جا واٽر ڪورس 5 ايل 5 اي ايل 5 ايل ۽ 9 ايل کي مبينا طور ٽوڙي پاڻي چوري ڪندڙ بااثر آبادگارن خلاف ڪريم ميمڻ، الله بخش درس، محمد علي سولنگي ۽ جمن خاصخيلي خلاف نندوشهر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ 20 جولائي تي ليٽر موڪلڻ جي باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

ان سلسلي ۾ عادو واهه شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن ڪامريڊ نور محمد پنهور حاجي مراد مهراڻ پوٽو جاويد پنهور سومار ملاح امير حسن پنهور صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته عادو واهه تي واٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي چوري ڪرائڻ ۾ ايس ڊي او ڪڍڻ سب ڊويزن فياض قمبراڻي ۽ سندس عملو ملوث آهي جيڪو سرڪاري طرح ليٽر جاري ٿيڻ جي باوجود بااثر آبادگارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهن.

هنن وڌيڪ الزام هڻندي چيو تي ايس ڊي او جي مدد سان عادو واهه تي پاڻي جي چوري سبب اسان وٽ پوڇڙ ۾ پاڻي نه ٿو پهچي. هنن مطالبو ڪيو ته عادو واهه شاخ تي پاڻي چورن خلاف قانوني قدم کڻي پوڇڙ ۾ پاڻي پهچايو وڃي نه ايس ڊي او آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو.01