شهباز شريف ڊيلي ميل خلاف ڪارروائي لاءِ مشهور لا فرم جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون

news

لاهور: (جمعو 26 جولاءِ 2019ع) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف برطانوي اخبار ڊيلي ميل خلاف باظابطا ڪارروائي لاءِ برطانيا جي مشهور فرم ڪارٽر رڪ جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون.

برطانوي لا فرم ڪارٽر رڪ 14 جولائي تي سياسي مقصدن تحت آرٽيڪل شايع ڪرڻ خلاف ميل آن لائن ۽ سندس صحافي ڊيوڊ روز خلاف باظابطا قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ڪارٽر رڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هڪ هفتي تائين ڪيس جو جائزو وٺڻ کانپوءِ شهباز شريف جي نمائندگي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

ڪارٽر رڪ جو چوڻ آهي ته ڊيلي ميل جي خبر شهباز شريف لاءِ سخت توهين جوڳي آهي جنهن ۾ غلط الزام مڙهيا ويا آهن ته هن زلزلي متاثرن جي مدد لاءِ برطانيا کان ملندڙ امداد چوري ڪئي. ياد رهي ته ڊيلي ميل پنهنجي خبر ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور زلزلي متاثرن جي امداد لاءِ برطانيا کان ملندڙ رقم ۾ گهوٻيون هنيو هيون.

جنهن کانپوءِ شهباز شريف ان الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي برطانوي اخبار خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.