چين پاران ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ آمريڪي صدر جي ٽياڪڙي جي آڇ جي آجيان

news

بيجنگ: (جمعو 26 جولاءِ 2019ع) چين ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ جي آجيان ڪندي سندن ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو آهي.

چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هواچونائينگ ڪشمير مسئلي جي حل جي لاءِ صدر ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي آڇ جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي برادري آمريڪي ڳالهين جي ذريعي پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ صدر ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي آڇ جي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڪشمير مسئلي سميت ٻين تڪراري معاملن جو ڳالهين ذريعي حل ڳولي سگهن ٿا. جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن استحڪام جي راهه هموار ٿيندي.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا جي دوري دوران صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ ان جي بقول ٽياڪڙي ڪرڻ جي درخواست ڀارتي  وزيراعظم نريندر مودي ڪئي هئي.