ڏوڪري ۾ ھارين کي زرعي سکيا ڏني وئي

news

ڏوڪري: جمعو 26 جولاءِ 2019: ڏوڪري فيلڊ  ٽيم جي آفيس  ۾ ورلڊ  بئنڪ جي تعاون  سان ھلندڙ  پروجڪيٽ  SIAPEP  سياپيپ  واٽر مينجمينٽ  ڊپارٽمينٽ  ۾ واٽر ڪورسن  کي پڪي ڪرائڻ جي پروگرام  ۾ ھڪ ٻيو ڪمپونين فارمرز  فيلڊ  اسڪول ھلي رھيو آهي۔

جنهن ۾ ھارين کي زرعي  سکيا ڏني ٿي وڃي ۽ سائنسي طريقا ٻڌايا وڃن ٿا ۽  ان پروگرام جي تقريب ٿي گذري جنهن لاڙڪاڻي  جي فوڪل پرسن فيسليٽيٽر  معشوق علي ميمڻ جي قيادت  ۾  مختلف غريب  ھارين ۽ زميندارن  ۾ آٽوميٽڪ اسپري  مشين ورھايون ويون۔

جنھن ۾ خصوصن لاڙڪاڻي  جي ڊپٽي  ڊائريڪٽر  ڪلتار  لال ۽ ڏوڪري  فيلڊ جي ڊپٽي  ڊايريڪڻر  گل محمد شيخ شرڪت ڪئي.

لاڙڪاڻي  جي فوڪل پرسن ۽ ڏوڪري  فيلڊ  ٽيم  جي فيسليٽيٽر  معشوق علي ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پروجڪيٽ  ۾ غريب ھارين  کي ھڪ ايڪڙ تي فصل جي سڄو خرچ ورلڊ بئنڪ ادا ڪندي.