نواز شريف جو جيل مان اي سي لاهڻ تي شهباز شريف چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو

news

لاهور: (ڇنڇر 27 جولاءِ 2019ع) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي جيل مان اي سي لاهڻ جي پنجاب حڪومت جي فيصلي کي ميڊيڪل بورڊ جي سفارشن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو.

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف نواز شريف جي جيل مان اي سي لاهڻ تي چيف سيڪريٽري پنجاب کي خط لکي ڇڏيو آهي.  شهباز شريف خط ۾ موقف اختيار ڪيو ته پنجاب حڪومت آءِ جي جيلز کي خط لکي اي سي لاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته نواز شريف جي جيل مان اي سي لاهڻ جو قدم بورڊ جي سفارشن جي ڀڃڪڙي آهي.

مسلم ليگ ن جي صدر سيڪريٽري پنجاب کي لکيو ته توهان جو ڌيان پنجاب حڪومت طرفان جوڙيل بورڊ جي سفارش طرف ڪرائڻ چاهيان ٿو.  هن چيو ته ميڊيڪل بورڊ جي سفارش آهي ته نواز شريف کي مناسب گرمي پد واري ڪمري ۾ رکيو وڃي. شهباز شريف چيو ته نواز شريف جي جيل مان اي سي لاهڻ جو فيصلو وزيراعظم جي خواهش موجب ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي دوري دوران پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب دوران چيو هو ته  پاڪستان وڃي جيلن مان اي سي ۽ ٽي وي ڪڍرائيندس. عمران خان چيو هو ته جيلن مان اي سي ۽ ٽي وي ڪڍائڻ جي فيصلي تي مريم نواز گهڻو گوڙ ڪندي پر جهڙي طرح هي جيلن ۾ رهي رهيا آهن اها سزا ته نه ٿئي. اوهان اي سي ۾ رهي رهيا آهيو، اوهان کي ٽي وي ۽ اخبار جي به سهوليت مليل آهي.

وزيراعظم جي اهڙي بيان تي مسلم ليگ(ن) طرفان ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو هو ته وزيراعظم کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان بيرڪن ۾ رهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون.