ٽنڊو محمد خان لڳ موٽرسائيڪل جي ٽائر ۾ برقعو ڦاسڻ سبب عورت فوت، ٻه ڄڻا زخمي

news

ٽنڊو محمد خان: ڇنڇر 27 جولاءِ 2019: ٽنڊو محمد خان جي لاکاٽ روڊ تي رجب لغاري نالي ڳوٺاڻو پنهنجي پيرسن امڙ  مسمات  ديباني ۽ زال عاشيه سان گڏ موٽرسائيڪل تي اچي رهيو هو ته سندس امڙ جو برقعو موٽرسائيڪل جي پٺئين حصي واري ٽائر ۾ ڦاسي پيو، جنهن ۾ پيرسن عورت مسمات ديباني ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

جنهن ۾ سندس زال ۽ پاڻ سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي ٽنڊو محمد خان سرڪاري اسپتال مان سول اسپتال حيدر آباد داخل ڪيو ويو آهي۔