ڪنڌ ڪوٽ ۾ رسالدار روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، چار ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

news

ڪنڌ ڪوٽ: ڇنڇر 27 جولاءِ 2019: رسالدار روڊ تي تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو۔

جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪلن تي سوار چار ڄڻا زخمي ٿي پيا۔ زخمين کي علاج لاء اسپتال نيو ويو۔

زخمين ۾ رياض احمد، مهراڻ کوسو، اويس لاشاري ۽ مظفر کوسو شامل آهن.