حيدرآباد جي ڪاليج آف مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ ٻن ڏينهن جو ڪوها ٽريننگ ورڪشاپ منعقد
ويب ڊيسڪ | 5 مھينا پھريان

حيدرآباد: ڇنڇر 27 جولاءِ 2019: حيدرآباد جي ڪاليج آف مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (ايم آءِ ٽي سافٽ ويئر ساليوشن) ۾ اي آر ڪنسلٽنسي سروس، پاڪستان لائبريري ڪلب (سنڌ چيٽر) ۽ پاڪستان ڪوها ڪميونٽي جي تعاون سان ٻن ڏينهن جو ڪوها ٽريننگ ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو.
ورڪشاپ جا ريسورس پرسن لياقت علي راهو هئا، جڏهن ته گل لاکو پڻ ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙ پروفيشنل لائبريرين ۽ شاگردن کي ڪوها بابت ٽريننگ ڏني.
ان موقعي تي ايم آءِ ٽي جي ڊائريڪٽر هادي بخش کوکر چيو ته اسان جو ادارو وقت بوقت مختلف ٽريننگ ورڪشاپس منعقد ڪرائيندو رهندو آهي، اسان پنهنجي پليٽ فارم تي اهڙن ورڪشاپس منعقد ٿيڻ تي خوشي محسوس ڪيون ٿا.
ريسورس پرسن لياقت علي راهو خطاب ڪندي چيو ته لائبريري سائنس جا شاگرد پڙهائي سان گڏوگڏ اهڙا ورڪشاپس لازمي طور اٽينڊ ڪن، ڇو ته ورڪشاپس سان نه صرف اهي عملي طور ٽرينڊ ٿين ٿا، پر اهي عملي طور پنهنجي ڪم سان لاڳاپجي وڃن ٿا، جنهن ڪري کين پنهنجي فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ تي ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي.
مهراڻ يونيورسٽي جي لائبريرين گل لاکو چيو ته اسان پروفيشنل طور فيلڊ ۾ رهڻ سان گڏ پنهنجن سينيئرن کان سکون پيا ۽ جونيئرن کي سيکارڻ وارو عمل به جاري آهي.
هن چيو ته ڪوها سافٽ ويئر مڪمل طور پريڪٽيڪل ڪم آهي، ان ڪري شاگرد روز جي بنياد تي ڪوها سافٽ تي ڪم ڪندا رهن.

111