سيالڪوٽ: گهريلو جهيڙي سبب ظالم پيءُ پنج ٻارن کي زهر ڏئي ڇڏيو

news

سيالڪوٽ: (آچر 28 جولاءِ 2019ع) سيالڪوٽ ۾ مڙس زال سان جهيڙي کان پوءِ شربت ۾ زهريليون گوريون وجهي ٻارن کي پياري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ ٻارن جي حالت خراب ٿيڻ کان پوءِ کين اسپتال منتقل ڪيو ويو. 

رپورٽ موجب  سيالڪوٽ جي علائقي رحمت پوره ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ متاثر ٿيندڙ 5 ٻارن کي گورنمنٽ علامه اقبال ميموريل ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس ٻارن جي پيءُ جاويد کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جوابدار زال سان جهيڙي کان پوءِ ٻارن کي شربت ۾ زهريليون گوريون وجهي شربت ٻارن کي پياري ڇڏيو هو.