خيبرپختونخواهه ۾ برسات سبب پنج ڄڻا فوت، چترال ۾ ٻوڏ واري صورتحال

news

پشاور: (آچر 28 جولاءِ 2019ع) خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ تازي چوماسي جي برساتن سبب هڪ ٻار سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته چترال جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

صوبائي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ڪي پي ڪي ۾ ٿيندڙ تازين چوماسي جي برساتن سان ٿيندڙ جاني  ۽ مالي نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن موجب صوبي جي مختلف علائقن ۾ تازو برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جن ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت به شامل آهي.

بونير ۽ مانسهره ۾ هڪ هڪ جڏهن ته شانگله ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ 5 ساله ٻار برساتي نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو. برساتن دران مختلف واقعن ۾ 18 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جن ۾ 6 عورتون ۽ هڪ ٻار به شامل آهي.

برساتن سبب 5 گهر تباهه ٿي ويا جڏهن ته 2 کي معمولي نقصان پهتو. ان کان علاوه هڪ اسڪول مڪمل تباهه جڏهن ته 2 کي معمولي نقصان پهتو آهي.

ٻئي طرف چترال جي مختلف علائقن ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ٻوڏ جي وهڪري جي گذرڻ سبب ترچ، ڪوشٽ ۽ شيشڪوه روڊ کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.