پشاور ۾ حددخلين خلاف آپريشن: چاليهه کان وڌيڪ غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون

news

پشاور: (آچر 28 جولاءِ 2019ع) پشاور جي ضلعي انتظاميه حددخلين خلاف ميگا آپريشن ڪندي 40 کان وڌيڪ غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن.

تفصيل موجب ضلعي انتظاميه اڄ پشاور جي ڳوٺاڻي علائقي شڪرپوره نحقي ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪيو. ان دوران ڳري مشينري جي ذريعي 40 کان وڌيڪ غيرقانوني اڏاوتن کي ڊاهيو ويو.

ضلعي انتظاميه موجب آپريشن دوران ندي نالن جي مٿان قائم ڪيل اڏاوتن کي ڊاٿو ويو.

ڄاڻايل غيرقانوني اڏاوتون ڪافي عرصي کان قائم  هيون جنهن سبب ندي نالن ۾ پاڻي جو وهڪرو برابر نه پئي هليو ۽ زرعي پيداوار به متاثر ٿي رهي هئي.