پنوعاقل ۾ ڀٽا برادري پاران نوجوان جي گمشدگي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

پنوعاقل: آچر 28 جولاءِ 2019ع:شھر جي رجب ڀٽو واري علائقي جي رھواسي نوجوان سعيد ڀٽو چار ڏينھن اڳ بائجي ٿاڻي جي حد ۾ پنھنجي ھوٽل تي ويٺو ھو ته کيس بار بار فون اچي رھيا ھئا جتي ھوٽل جي بيرن کي اھو چئي اٿي ھليو ويو ته کيس پنوعاقل ٿاڻي جي جاچ آفيسر رياض ڪورائي فون ڪري طلب ڪري ٿو، جنھن سان ملي واپس اچي ٿو پر ڪافي دير گذرڻ باوجود ھو نه موٽيو.

ھوڏانھن نوجوان جي وارثن سندس ڳولا ڪري حد جي ٻنھي ٿاڻن تان معلومات ورتي پر نوجوان جو پتو نه پيو، جنھن تان سندس گھر ۾ روڄ متل آھي.

ان حوالي سان سندس وارثن وحيد ڀٽو ۽ ٻين پاران پريس ڪلب پنوعاقل آڏو احتجاجي مظاھري ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته سعيد ڀٽو کي ھٿ سان گم ڪرايو ويو آھي، جنھن ۾ پوليس سڌي ريت ملوث آھي. ھنن چيو ته برادري ۾ پلاٽ معاملي تان ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي، جنھن جا فيصلا ۽ ڪيس پڻ ٿيل آھن پر پوليس جوابدار ڌر کان ڏوڪڙ وٺي کين پريشر ڏياري ٿي.

ھنن چيو ته سٽي ٿاڻي جي جاچ آفيسر رياض ڪورائي ۽ جوابدار ڌر اصغر ڀٽو ۽ راھب علي سندس ڀاءُ کي پوليس جي سھڪار سان گم ڪيو، جنھن جي حياتي کي خطرو آھي.

ھنن ڊي آءِ جي سکر اي ڊي آءِ جي، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان سعيد ڀٽو کي فوري طور تي ظاھر کيس بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ھو قومي شاھراھ بند ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.01