پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

news

پنوعاقل: آچر 28 جولاءِ 2019ع:سلطانپور ويجهو ڳوٺ حاصل واھڻ جو رھواسي فاروق احمد جوڻيجو عمر 25 سال بجليءِ جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو.

نوجوان فاروق جي فوت ٿيڻ  تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. نوجوان جي مرڻ جي سلطانپور ٿاڻي تي اتفاقي رپورٽ درج ڪئي وئي. ھوڏانھن فاروق جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.01