محبت ۾ ٻيون موقعو هر ڪنهن جو حق آهي: ملائيڪا اروڙا

news

ممبئي: سومر 29 جولاءِ 2019ع: بالي ووڊ اداڪارا ملائيڪا اروڙا جي اداڪار ۽ پروڊيوسر ارباز خان سان طلاق کانپوءِ پاڻ کان ڪيترائي سال ننڍي اداڪار ارجن ڪپور سان تعلق رکڻ سبب سوشل ميڊيا تي اڪثر سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ڪو اداڪارا تي ارباز خان کان الڳ ٿيڻ سبب تنقيد ڪري ٿو جڏهن ته ڪو اداڪارا کي پاڻ کان ننڍي عمر جي اداڪار سان تعلق رکڻ تي برو ڀلو چوي ٿو.

جڏهن ته ملائيڪا اروڙ موجب کيس ماڻهن جي تنقيد سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ۽ انهن جو مڃڻ آهي ته محبت ۾ سڀ کان وڏو موقعو ضرور ملڻ گهرجي.

هاڻوڪن ڏينهن ۾ ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا جو چوڻ هو ته محبت ۾ ٻيون موقعو هر ڪنهن جو حق آهي ۽ ماڻهن کي کليل ذهن سان ان کي قبول ڪرڻ گهرجي.

45 ورهين جي ملائيڪا جو 34 ورهين جي ارجن ڪپور سان تعلق کي ڳجهو رکڻ تي چوڻ هو ته اهڙن لاڳاپن کي هميشه تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، ماڻهن کي هاڻ هر ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي، اسان جي ملڪ ۾ اهڙن رشتن کي نه ڄاڻ ڇو غلط سمجهيو ويندو آهي، سڀني کي پنهنجي سوچ وڏي رکڻ گهرجي.