واپاري تنظيمن پاران چئن ڏينهن لاءِ سموري ملڪ ۾ شٽرڊائون هڙتال جو اعلان

news

لاهور: (اربع 31 جولاءِ 2019ع) واپاري تنظيمن آگسٽ کان چئن ڏينهن جي لاءِ سموري ملڪ ۾ شٽرڊائون هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ واپاري اڳواڻ نعيم مير چيو آهي ته  سموري ملڪ جون واپاري تنظيمون 15، 16، آگسٽ ۽ 26-27 آگسٽ تي سموري ملڪ ۾ شٽرڊائون هڙتال ڪنديون.

ان هڙتال تي سمورين واپاري تنظيمن مڪمل اتفاق ڪيو آهي. نعيم مير چيو ته حڪومت جي من پسند فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم قبول ناهي. جيستائين نئين ٽيڪس اسڪيم جاري نه  ٿيندي اسان جو احتجاج جاري رهندو.

هن چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته عاشوري کان پوءِ اڻڄاڻايل مدي تائين دڪانون بند ڪري ڇڏينداسين. فيصل آباد جي واپارين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سيلز ٽيڪس ۽ شناختي ڪارڊ جي شرط جي خلاف شٽرڊائون جو اعلان ڪندي چيو ته سموريون واپاري تنظيمون گڏ آهن.

واپاري اڳواڻن  چيو ته شناختي ڪارڊ تي  ڏي وٺ نه ڪنداسين.  هن چيو ته جيڪڏهن ايف بي آر جون ٽيمون مارڪيٽن ۾ آيون ته سندن گهيراءُ ڪنداسين.