احتساب عدالت رمضان شوگرملز ڪيس جي ٻڌڻي نائين آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

news

لاهور: (خميس 01 آگسٽ 2019ع) احتساب عدالت رمضان شوگرملز ڪيس جي ٻڌڻي 9 اگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. حمزه شهباز احتساب عدالت ۾ چيو ته مان هڪ گناهگار انسان آهيان پر مون تي ڪوبه بدعنواني ثابت ڪري ڏيکاري.؟؟ 

هن چيو ته مان اهو سوال ڇڏي وڃي رهيو آهيان جنهن جو جواب قيامت تائين کين نه ملي سگهندو. احتساب عدالت جي جج وسيم اختر رمضان شوگرمل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ياد رهي ته رمضان شُگرمل ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. ٻنهي طرفان ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار تي عدالت گواهن کي طلب ڪيو هو. هينئر تائين نيب طرفان پيش ڪيل هڪ  گواهه جو بيان قلمبند ڪيو ويو آهي.

شهباز شريف جي هن ڪيس ۾ به 14 فيبروري تي لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت منظور ڪئي وئي هئي. قومي اسيمبلي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز جي خلاف نيب طرفان رمضان شوگرمل ڪيس ۾ به گرفتاري ڏيکاري وئي هئي.

ياد رهي ته 2 هفتا اڳ ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب طرفان حمزه شهباز کي پيش نه ڪرڻ تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اطهار ڪيو ويو هو.