ڄامشورو: خميس 01 آگسٽ 2019ع:مهراڻ يونيورسٽي ۾ يو ايس ايڊ، يونيورسٽي آف اتاهه آمريڪا، وومين رسورس سينٽر ۽ مهراڻ يونيورسٽي پاران وومين امپاورمينٽ جي موضوع تي لائيو پينٽنگ ڪامپيٽيشن ٿي گذري، جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين جي سوين شاگردن حصو ورتو، جڏهن ته پروگرام ۾ ڄاڻايل ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. مقابلي ۾ يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر جي شاگردياڻي سيما چانڊيو ٻئين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ کيس ڏهه هزار روڪ رقم جو انعام پڻ ڏنو ويو.
آرٽ اينڊ ڪلچر يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي سيما چانڊيو جي پينٽنگ کي پرڏيهي اسڪالرن تمام گهڻو ساراهيندي چيو ته هن پينٽنگ ۾ عورت جي حقيقي ترجماني ۽ پاور جو اظھار ڪيو ويو آھي. ان موقعي تي شاگردياڻي سيما چانڊيو جو چوڻ هو ته عورت جو اختيار ڪائنات جيترو وسيع ۽ ٻاجهارو آھي، عورت سڀني رشتن جي وارث آهي.
هو ماءُ به آهي، ڌيءُ به آهي، زال به آهي، ڀيڻ به آهي ۽ شفيق به آهي، جيئن ته عورت تخليقڪار آهي تنهنڪري هن ڌرتي جا مامرا به عورت ئي بهتر نموني سان هلائي سگهي ٿي. هن چيو ته عورت جي اهميت کي عالمي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي سميت دنيا جي سڀني مفڪرن به تسليم ڪيو آهي، تنهنڪري سنڌي سماج به جيڪڏهن عورت کي جنس بدران انسان سمجهي برابري جا حق ڏيندو ته سنڌ مان مسئلن جو خاتمو اچي ويندو. ياد رهي ته سيما چانڊيو لطيف جي پارکو ۽ نامياري ليکڪ غلام رسول چانڊيو جي نياڻي آھي.01