زنگ ۽ کاري پاڻي مان بجلي ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو

news

نيويارڪ: خميس 01 آگسٽ 2019ع: اسان ڄاڻون ٿا ته کارو پاڻي فولاد کي به زنگيل ڪري ڇڏيندو آهي پر هاڻ انهن ٻنهي کي گڏائي بجلي ٺاهي سگهجي ٿي.

ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۽ نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي انجنيئرن دريافت ڪيو آهي ته جيڪڏهن زنگ ورتل چادر تي کارو پاڻي وهايو وڃي ته بجلي جي معمولي مقدار پيدا ٿيندي آهي، ان کان اڳ گرافين تي کاري پاڻي مان بجلي ٺاهڻ جو تجربو ڪيو ويو آهي پر گرافين جي مقابلي ۾ زنگيل سطح چڱي آساني سان ٺاهي سگهجي ٿي.

ياد رهي ته لوڻ مليل پاڻي بيٽرين ۾ عام طور تي ڀريل هوندو آهي، ان جي ڪري ئي لوڻ وارو پاڻي ننڍڙن رانديڪن ليمپ ۽ ننڍڙا بجلي گهر ٺاهيا ويندا آهن. جڏهن ته اهو نئون نظام هڪ مختلف اصول تي ڪم ڪندو آهي، ان ۾ ري ايڪشن بدران اليڪٽروڪائنيٽڪ اثر وسيلي بجلي پيدا ٿيندي آهي، يعني جڏهن کارو پاڻي زنگيل چادر مان گذرندو آهي ته ان جي حرڪت سان بجلي پيدا ٿيندي آهي.

بنيادي طور تي لوڻ ۾ موجود آئن زنگ تي موجود اليڪٽرون کي ڪشش ڪندا آهن، جيئن ئي لوڻ وارو پاڻي ۽ ان جا آئن وهندا آهن ته اهو زنگ مان اليڪٽرون ڇڪيندو آهي ۽ بجلي ٺهڻ لڳندي آهي. هموار انداز ۾ زنگيل سطح ٺاهڻ لاءِ ماهرن هڪ جديد طريقو فزيڪل ويپر ڊيپوزيشن استعمال ڪيو، ان مان 10 نينوميٽر ٿلهي زنگ جي هموار چادر ٺهي، ان کانپوءِ مختلف شدت جي لوڻ جي محلول کي ان تان گذاريو ويو.

شروعاتي طور تي ڪجهه ملي وولٽ جي برابر بجلي پيدا ٿي جڏهن ته في مربع سينٽي ميٽر تي ڪجهه مائيڪرو ايمپيئر ڪرنٽ ٺهيو، هاڻ ان ئي جو پيمانو وڌايو وڃي ته ڏهه مربع زنگيل چادر تي کارو پاڻي گذارڻ سان ڪجهه ڪلو واٽ في ڪلاڪ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي.