جاپان ۾ پهريون ڀيرو ٻه معذور ماڻهو سينيٽر چونڊجي ويا

news

ٽوڪيو: خميس 01 آگسٽ 2019ع: جاپان ۾ پهريون ڀيرو 2 سخت ترين معذور چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پهرين آگسٽ تي سينيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪري نئين تاريخ جوڙي ڇڏي.

اهو پهريون موقعو آهي ته جاپان ۾ انتهائي معذورن کي مٿانهين ايوان يعني سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي.

چونڊيل ٻئي معذور سينيٽرز ٻين ماڻهن جي رحم ڪرم تي زندگي گهاريندا آهن ۽ انهن کي هڪ کان ٻي جاءِ تي منتقل ٿيڻ لاءِ پڻ ٻين جي مدد گهربل هوندي آهي.

جيتوڻيڪ جاپاني پارليامينٽ ۾ پهريان به معزوڙ ۽ خاص ماڻهو ميمبر رهي چڪا آهن، جڏهن ته اهو پهريون موقعو آهي جو انتهائي معذور ماڻهو ايوان جو حصو بڻيا آهن.

خابرو اداري موجب نون چونڊجندڙ معذور سينيٽرز ريشيڪو فناگو ۽ ايڪو ڪمورا پهرين آگسٽ تي سينيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪري نئين تاريخ جوڙي ڇڏي.

ٻنهي سينيٽرز گذريل مهيني جولاءِ ۾ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن ۾ حاصل ڪئي هئي ۽ ٻنهي جو تعلق غير مقبول سياسي پارٽي سان آهي. 

ٻنهي معذور  سينيٽرز کي اداڪاري کانپوءِ سياست ۾ ايندڙ تارو يماموٽو طرفان ٺاهيل سياسي پارٽي ٽڪيٽ ڏني هئي ۽ ٻنهي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٻنهي معذور سينيٽرز مٿانهين ايوان جو حصو بڻجڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هو معذور ماڻهن لاءِ بهتر کان بهتر قانونسازي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.