اپوزيشن هاڻ عقل کان ڪم وٺي، ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي: شيخ رشيد

news

ڪوٽڙي: خميس 01 آگسٽ 2019ع: ريلوي بابت وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ڪوٽڙي اسٽيشن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون ڏهه ڏينهن اڳ چيو هو ته صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي واري تحريڪ ناڪام ٿيندي، اڄ کان اپوزيشن جي تنزلي شروع ٿي وئي آهي، ن ليگ ۽ پ پ جو برو وقت شروع ٿي ويو آهي.

هن چيو ته هي اهي پارٽيون آهن جيڪي پيءُ ۽ پنهنجو مال بچايو تحريڪ هلائي رهيون آهن، اهي اڄ کلي سامهون اچي ويا آهن، اهي عمران خان جي استعيفيٰ گهرڻ نڪتا هئا، عمران خان استعيفيٰ ڇا ملي ها کين سنجراڻي جي بي اعتمادي نه ملي. شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن عقل کان ڪم وٺي، ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، ملڪي سياست جو سمورو اثر معيشت تي پئجي رهيو آهي، جيڪڏهن اهي باز نه آيا ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي.

شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف جي سياست جو وقت ختم ٿي رهيو آهي، هن وقت جيڪو مسئلا پيدا ڪندو اهو جمهوريت کي ڪمزور ڪندو، اڄ سموري قومي عمران خان سان گڏ آهي، فضل الرحمان کي چوان ٿو ته مدرسو مدرسو نه کيڏجان، فضل الرحمان کي گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته اوهان مدرسن کي شامل نه ڪيو، شيخ رشيد چيو ته ان جي هوندي ناموس رسالت صه تي ڪوبه ڇيهو نه رسندو.