ثناءَ فخر ڏانئڻ جي ڪردار کي دلچسپ ۽ منفرد قرار ڏئي ڇڏيو

news

لاهور: خميس 01 آگسٽ 2019ع: اداڪارا ثناءَ فخر ڊرامي لال مائي ۾ ڏانئڻ جي ڪردار ۾ جلوا ڏيکاريندي، ڊرامي جي رڪارڊنگ اترين علائقن ۾ ڪئي پئي وڃي.

ميڊيا رپورٽ موجب ثناءَ کي ڊرامي لال مائي جي مرڪزي ڪردار ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي جنهن جي رڪارڊنگ اترين علائقن ۾ ڪئي پئي وڃي، ثناءَ فخر ٻڌايو ته لال مائي هڪ ڏانئڻ جو ڪردار آهي جيڪو منهنجي لاءِ دلچسپ ۽ منفرد آهي ان کان اڳ مون اهڙو ڪردار ادا ناهي ڪيو.

ڊرامي جي ڪهاڻي ڀوائتي هجڻ سان گڏوگڏ پيچيدا ۽ سنسني سان ڀرپرو آهي، شوقين اڄ ڪلهه هارر ڊراما ۽ فلمون شوق سان ڏسندا آهن ۽ اميد آهي ته منهنجو ڪردار کين پسند ايندو.