ايراني صدر جواد ظريف تي پابندي کي آمريڪا جي ٻاراڻي حرڪت قرار ڏئي ڇڏيو

news

تهران: خميس 01 آگسٽ 2019ع: ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته جواد ظريف تي پابندي آمريڪا جي ٻاراڻي حرڪت آهي، دشمن ايترو پريشآن آهي جو صحيح طرح سوچي به نه ٿو سگهي، آمريڪا ايران کي مليل جليل اشارا ڏئي رهيو آهي.

تفصيل موجب ايراني صدر حسن روحاني ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف تي پابندي کي آمريڪا جي ٻاراڻي حرڪت قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا پيشگي شرطن جي بنا ڳالهيون چاهي ٿو ۽ پابندي به لڳائي رهيو آهي.

حسن روحاني جو چوڻ هو ته دشمن ايترو پريشان آهي جو چڱي طرح سوچي به نه ٿو سگهي، آمريڪا ايران کي مليل جليل اشارا ڏئي رهيو آهي.