سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالاضحيٰ يارنهن آگسٽ تي ٿيندي

news

رياض: جمعو 02 آگسٽ 2019ع: سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو جنهن کانپوءِ 2 آگسٽ جمعي جي ڏينهن پهرين ذوالحج سن 1440 هجري ٿي وئي.

عرب ميڊيا موجب سعودي عرب جي وچ واري علائقي ڪاتميرر صدگاهه کان ذوالحج جو چنڊ نظر اچن جي شهادت ملي هئي، سعودي حڪومت شهرين کي اپيل ڪئي هئي ته هو چنڊ جي رويت جي حوالي سان شهادتن کان حڪومت کي آگاهه ڪن.

عرب ميڊيا موجب جمعي 2 آگسٽ تي پهرين ذوالحج ٿيندي، حج جو رڪن اعظم يعني وقوف عرفه ڇنڇر 10 آگسٽ تي ادا ڪيو ويندو جڏهن ته سعودي عرب ۾ آچر 11 آگسٽ تي عيدالاضحيٰ جو پهريون ڏينهن هوندو.

سعودي عرب کان علاوه ٻين خليجي ملڪن ۾ پڻ عيدالاضحيٰ آچر 11 آگسٽ تي ٿيندي. پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس جمعي تي ٿيندو.