پنجٽيهه سال اڳ دفن ڪيل عورت جو مڙهه محفوظ حالت ۾ هٿ

news

ڪراچي: جمعو 02 آگسٽ 2019ع: سخي حسن قبرستان جي قبر کوٽيندڙ خادم حسين ٻڌايو ته هاڻوڪين برساتن دوران قبرستان پاڻي هيٺ اچڻ کانپوءِ هڪ اهڙي قبر پڻ سامهون آئي آهي جنهن ۾ 35 سال اڳ دفن ڪيل عورت جو مڙهه جيئن جو تيئن موجود آهي. خادم حسين موجب قبرستان ۾ دنياوي لحاظ کان ڪامياب ۽ مشهور شخصيتن کان علاوه پٺ تي پيل ماڻهو دفن ٿيل آهن.

اهڙي ۾ ئي هڪ قبر جنهن ۾ 35 سال اڳ عورت جي تدفين ڪئي وئي هئي، برسات ۽ سيوريج جي پاڻي سبب متاثر ٿي، قبر کوٽيندڙن موجب ڪراماتي طور تي قبر ۾ سيوريج جو پاڻي داخل ته ٿيو آهي پر قبر ۾ موجود مڙهه کي ڇهڻ بنا ئي ٻئي طرف مڙي ويو.

خادم حسين جو چوڻ آهي ته بندي ۽ رب جو تعلق انساني سوچ کان مٿانهون آهي جنهن جو اهو هڪ مثال آهي، سخي حسن جو قبرستان اهڙي بيشمار شخصيتن جو مدفن آهي، خادم حسين چيو ته قبرستان ۾ جمع ٿيندڙ گندي پاڻي مان يقينن انهن هستين جي قبرن جي بي حرمتي ٿي رهي آهي.

قبر کوٽيندڙ چيو ته جيڪي ماڻهو ان غفلت جا ذميوار آهن انهن مان ڪجهه کي وفات کانپوءِ ان ئي قبرستان ۾ دفن ٿيڻو پوندو، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي قبرستان مان گندگي هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي، عام شهري پڻ ان خير واري ڪم ۾ حصو وٺي سگهن ٿا.