سائنسدانن ماڪوڙي جهڙو سخت روبوٽ تيار ڪري ورتو

news

نيويارڪ: جمعو 02 آگسٽ 2019ع: آمريڪي انجنيئرن اهڙو ننڍڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي جنهن بابت چيو ويندو آهي ته اهو ماڪوڙي جيان انتهائي سخت روبوٽ آهي، اهو پنهنجي بنيادي وزن جي مقابلي ۾ 10 لک ڀيرا کان وڌيڪ دٻاءُ برداشت ڪري سگهي ٿو.

ميڊيا رپورٽ موجب انهن روبوٽس جو زمين تي ريڙهيون پائڻ جو انداز به ماڪوڙن جيان آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته هينئر تائين ٺاهيل ڪيترائي ننڍڙا روبوٽس نازڪ آهن، جيڪڏهن انهن تي پير اچي وڃي ته اهي تباهه ٿي ويندا، پر نئين قسم جي اهي روبوٽس سخت آهن ۽ جيڪڏهن انهن روبوٽس تي ڪجهه دير لاءِ پير رکندو ته اهي ان کانپوءِ به پنهنجو ڪم چڱي طرح ڪندا رهندا.

انهن روبوٽس جي جسامت هڪ وڏي ڊاڪ ٽڪيٽ جيتري آهي، انهن کي هڪ پيزو اليڪٽرڪ مٽيريل جي سنهڙي شيٽ سان تيار ڪيو ويو، جڏهن ان ٽڪري مان بجلي گذاري ويندي آهي ته اهي وڏي تيزي ساه هر هر ٽيڙها ۽ سڌا ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري اهو چڻ پنهنجي اڱئين ٽنگن سان ڊوڙڻ لڳندو آهي.