گهوٽڪي واسي ٽيڪسي ڊرائيور پراسرار نموني گم، وارث پريشان

news

گهوٽڪي: جمعو 02 آگسٽ 2019ع:پراسرار نموني روڪ رقم سميت گم ٿيل گهوٽڪي واسي ٽيڪسي ڊرائيور غلام فريد شيخ جو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، پيرسن والده ۽ پٽ پاران گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع باوجود ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي.

ايس ايس پي گهوٽڪي کان فوري نوٽيس وٺي ڊرائور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو. گهوٽڪي جي رحمون والي محلي ويجهو ميمڻ محلي جو رهواسي ٽيڪسي ڊرائيور غلام فريد شيخ اربع جي رات جو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، جنهن جي ٽيڪسي پڻ باءِ پاس ويجهو ٽيڪسي مالڪ کي هٿ آئي آهي. ٽيڪسي مالڪ حسن کهاوڙ مطابق ته هن کي رات جو ڊرائور غلام فريد جي فون آئي ته هن کي پوليس ڊريس ۾ موٽرسائڪل سوار کنيون ٿا وڃن.

اوهان جي گاڏي باءِ پاس تي بيٺي آهي، گهر اطلاع ڪجو، ٽيڪسي مالڪ جي چوڻ مطابق ته ڊرائور گهوٽڪي جي هندو سيٺ جي اوڳاڙي ڪندو هو، جيڪو ميرپور ماٿيلو کان هڪ لک 96 هزار 3 سئو روپيا کڻي اچي رهيو هو ته گم ٿي ويو آهي. ٽيڪسي مالڪ حسن کهاوڙ مطابق ته اهڙو اطلاع گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي پڻ ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن پراسرار نموني گم ٿيل ٽيڪسي ڊرائور جي پيرسن والده مسمات مغلياڻي شيخ  ۽ سندس پٽ ستين ڪلاس جي شاگرد صدام حسين شيخ مطابق ته هنن به اهڙو اطلاع گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيو آهي ۽ غلام فريد جو موبائيل نمبر 03083112299 مسلسل بند آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس وٺي هنن جي گهر جي اڪيلي سهاري کي بازياب ڪرائي.01