چٽ پٽا کاڌا کائي ڪروڙين روپيا ڪمائيندڙ عورت

news

نيويارڪ: جمعو 02 آگسٽ 2019ع: عام طور تي چٽ پٽا، لذيذ ۽ ذائقيدار کاڌا ٺاهيندڙ ماڻهو ڪروڙين روپيا ڪمائيندا اهن، جڏهن ته دنيا ۾ ڪجهه اهڙا منفرد ماڻهو به آهن جيڪي اهڙا کاڌا کائي به ڪروڙين روپيا ڪمائي رهيا آهن.

انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي جي ترقي کانپوءِ وڊيو اسٽريمنگ ويب سائٽ يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا ويب سائٽس ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويا آهن ۽ ان ئي پليٽفارمز کي استعمال ڪري ڪروڙين روپيا ڪمائيندڙ ماڻهن ۾ آمريڪا جي 44 ورهين جي ڪاري نسل جي عورت پڻ آهي.

آمريڪا جي 44 ورهين جي ڪاري نسل جي عورت بيٿني گاسڪن يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا ويب سائٽس وسيلي گهر ويٺي ساليانو ڪروڙين روپيا ڪمائي رهي آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بيٿني گاسڪن ڪو محنت جو ڪم به ناهي نه ٿي ڪري پر هوءِ وڊيوز ۾ صرف چٽ پٽن کاڌن کي مزو وٺي کائيندي ڏسڻ ۾ ايندي آهي.

آمريڪي اخبار موجب بيٿني گاسڪن يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجي کاڌي جي وڊيوز مان ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 10 لک آمريڪي ڊالر يعني پاڪستاني 15 ڪروڙ روپين تائين ڪمائي وٺندي آهي.

بيٿني گاسڪن جون وڊيوز ڏسندڙن ۾ نه صرف آمريڪي، برطانوي ۽ آفريڪي ماڻهو شامل آهن پر انهن جون وڊيوز ايشيا ۽ يورپ ۾ به وڏي شوق سان ڏٺيون وينديون آهن.