والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري: وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد

news

سرينگر: (ڇنڇر 03 آگسٽ 2019ع) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري آهي ۽ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ قابض فوج سوپور ۾ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب نوجوان کي سوپور جي علائقي وارپورا ۾ شهيد ڪيو ويو. جڏهن ته قابض فوج علائقي ۾ گهر گهر تلاشي به ورتي.

آپريشن جي دوران هڪ ڀارتي فوجي  زخمي به ٿيو. ٻئي طرف والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال تي ڪانگريس جي حڪمران پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ والاريل وادي ۾ فوج وڌائڻ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪانگريس جو موقف آهي ته فوج وڌائڻ سان سياح ۽ ياتري والاريل ڪشمير جو رخ نه ڪندا جڏهن ته ڪشمير ڀارت جي هٿن مان نڪرڻ جي حوالي سان به خبردار ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه ڪئي. جنهن دوران موقف اختيار ڪيو ويو ته حڪومت ڪوبه اهڙو فيصلو نه ڪري جنهن سان بحران وڌيڪ منجهيل ٿي وڃي. اجلاس دوران والاريل ڪشمير ۾ مودي سرڪار جي ارادن ۽ ڪشميرين ۾ وڌندڙ عدم تحفظ ۽ خوف جي ماحول تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

اجلاس دوران ڀارتي گهرو وزارت طرفان والاريل ڪشمير ۾  کڄندڙ قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.