فردوس باجي رات جو جلسو ۽ ريلي ڏٺي آهي تڏهن هو مريم نواز خلاف بيان ڏئي رهي آهي: طلال چوڌري

news

لاهور: (ڇنڇر 03 آگسٽ 2019ع) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته لڳي ٿو ته فردوس باجي رات جو پاڪپتن جو جلسو ۽ ريلي ڏٺي هئي تڏهن صبح صبح جو مريم نواز خلاف بيان ڏنو آهي.

طلال چوڌري چيو ته اوهان کي شرم اچڻ گهرجي. اوهان جيترا به ڪوڙ ڳالهائي وٺو، جيترا الزام هڻو پر عوام مريم نواز سان گڏ آهي جنهن جو خوف اوهان کي پريشان ڪري رهيو آهي.

مريم  نواز کي ٽي وي تي ڏسڻ جي همت ۽ حوصلو پيدا ڪريو، هونئن به پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اوهان ضمير وڪڻڻ جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي.