ڪلسٽر بم ڇا هوندا آهن؟

news

حيدرآباد: ڇنڇر 03 آگسٽ 2019ع: پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارت 30 ۽ 31 جولاءِ تي لائن آف ڪنٽرول تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي دوران وادي نيلم ۾ معصوم شهرين کي ڪلسٽر بمن سان نشانو بڻايو.

ڪلسٽر بم هوا يا زمين تي اڇلايا ويندڙ گولن جو هڪ قسم آهي جنهن جي اندر ننڍا ننڍا وڌيڪ گولا موجود هوندا آهن، اهو گولو جڏهن اڇلايو ويندو آهي ته ان مان نڪرندڙ وڌيڪ ننڍڙا گولا وڏي علائقي ۾ جاني نقصان يا گاڏين کي تباهه ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن.

هڪ بنيادي ڪلسٽر بم خالي شيل هوندو آهي جنهن جي اندر 2 کان وٺي 2000 تائين ننڍا بم موجود هوندا آهن. پهريان ڪلسٽر بم جو استعمال ٻئين مهاڀاري جنگ دوران سويلين ۽ ملٽري هدفن جي خلاف ڪيو ويو.

اهي گولا حملي جي وقت به ۽ بعد ۾ به سول آبادين کي نقصان پهچائي سگهن ٿا ڇو ته ڦاٽندڙ گولن کي جيڪڏهن هٽايو يا ناڪارا بڻايو وڃي ته ڊگهي عرصي کانپوءِ به اهو نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا جڏهن ته انهن کي ڳولڻ ۽ هٽائڻ جي لاڳت به وڌيڪ هوندي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو مئي 2008ع ۾ آئرلينڊ ۾ ڪلسٽر بمن تي ٿيندڙ ڪنوينشن جي توثيق ڪندر ملڪن  تي ان بم جي استعمال  تي پابندي لاڳو آهي جڏهن ته 2010ع کان ان تي پابندي انٽرنيشنل قانونن جو حصو آهي ۽ هينئر تائين 120 ملڪ ان ڪنوينشن ۾ شامل آهن.