دماغ ۽ ڪمپيوٽر وچ ۾ رابطو ڪرڻ ۾ اڳڀرائي

news

نيويارڪ: ڇنڇر 03 آگسٽ 2019ع: سوشل ميڊيا جي مشهور ويب سائٽ فيس بڪ انساني دماغ کي مشين سان جوڙڻ جي تصور کي حقيقت  متبديل ڪرڻ وڃي  رهي آهي، سائنسدانن کي دماغ ۽ ڪمپيوٽر وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب فيس بڪ انساني دماغ کي مشين سان جوڙڻ جي تصور کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اختيارين طرفان فنڊ ڪيل تحقيق دماغ مان ملندڙ اشارن کي لفظن ۾  تبديل ڪرڻ ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي.

يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا موجب سائنسدانن کي دماغ ۽ ڪمپيوٽر وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، فيس بڪ هڪ پوسٽ وسيلي واهپيدارن کي ٻڌايو آهي ته ڏهن سالن کانپوءِ دماغ مان ملندڙ اشارن کي پڙهي ڪمپيوٽر جو پاڻ ئي ٽائپ ڪرڻ عام ڳالهه هوندي، ڪجهه عرصو اڳ تائين اهو سائنس فڪشن لڳندو هو، پر هاڻ اهو تحقيق جوڳو آهي.

فيس بڪ جو چوڻ آهي ته ٽيڪنالاجي کي ڪمرشل استعمال لاءِ مارڪيٽ م آڻڻ کان اڳ اهم سوالن تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏڻ گهرجي جنهن جا جواب ڏيڻا پوندا، هونئن ته دماغ کي ملندڙ سگنزل کي ڪجهه حد تائين پڙهڻ برين امپلائنٽ وسيلي ممڪن آهي پر هاڻ سائنسدانن ريئليٽي گلاسز وسيلي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي، ان پراجيڪٽ ۾ ڪاميابي سان جسماني طور تي مفلوج ماڻهن کي خاص طور تي فائدو ٿيندو يا جيڪي ڪنهن بيماري جي ڪري ڳالهائڻ کان محروم آهن.

نيورو سائنٽسٽ ايڊي چينگ جو چوڻ آهي ته فالج ورتل مريض اڪثر ڳالهائڻ جي طاقت کان محروم هوندا آهن پر جيڪو ڳالهائڻ چاهيندا آهن انهن جي دماغ ۾ موجود هوندو آهي جنهن جي لاءِ اهڙي ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي جنهن وسيلي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهن.