هندو نارين جي اغوا وارا واقعا ۽ انصاف لاءِ وجهائيندڙ وارث

news

حيدرآباد: آچر04 آگسٽ 2019ع: ايڊووڪيٽ حبيب الله خان: سنڌ ڌرتي اها عظيم ڌرتي جنهن کي بزرگن جي سرزمين چيو وڃي ٿو  هن سرزمين تي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف به آرامي آهي جنهن سنڌ جي سکن لاءِ دعا گهرندي سموري دنيا لاءِ دعا گهر ته عالم سڀ آباد ڪرين، مان جوئي آهيان سوئي آهيان سميت ڪيترائي منفرد صوفياڻا ڪلام لکيندڙ حضرت سچل سرمست درازه جي دل ۾ ستل آهي اهو سچل جيڪو سراپا سچ هيو ، سنڌ تي حضرت لعل شهباز قلندر کان ويندي صوفين جي سرتاج شهيد شاهه عنايت تائين انيڪ برزگ آرامي آهن جن محبت جو ماڻهپي جو  پيغام ڏيندي چئي ڏنو هو ته دنيا ۾ انسان اُتم آهي نفرتن بدران محبتن جو ڏيئا ٻاريو، هي اُها ئي ڌرتي آهي جنهن رنگ نسل ۽ مذهبي فرق کان سواءِ محبتن کي مان ڏنو پر انهيءِ ڌرتي تي وقت وڏا ويڇا وجهي ڇڏيا آهن، ظلم ۽  ناانصافين جي جيڪا ديوار  ٺهي وئي آهي اها ناانصافين جي طويل تاريخ رکي ٿي خاص ڪري اقليتي برادري سان ٿيندڙ  ظلم ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي اقليتي برادري هاڻي پنهنجن معصوم نياڻين کي غيرمحفوظ تصور ڪري ٿي.

تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ته اسان کي خبر پوندي ته هن ڌرتي تي جنم وٺندڙ اقليتي برادري جي انيڪ ماڻهن ڌرتي لاءِ جدوجهد ڪئي ڀڳت ڪنور رام ، روپلي ڪولهي، راڻا ڀگوان داس ۽ انيل درپڪ تائين انيڪ شخصيتون اڄ به تاريخ جي ورقن ۾  پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکن ٿيون پر الائي ڇو سنڌ ۾ اقليتي برادري سان ظلم وڌ ي رهيا آهن انهن جي معصوم نياڻين مبينا طور اغوا ڪري مذهب تبديل ڪرايو وڃي ٿو اهو ئي سبب آهي جو اقليتي برادري پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي ٿي انهن سمورن مامرن تي حڪومتي ادارن خاموشي ڪيترائي سوال اٿاري ٿي.

19 مارچ 2019تي ڏهرڪي مان 2 ڀينرون رينا ۽ روينا جي مبينا اغوا وارو واقعيو ڪيتري ئي وقت تائين ميڊيا جي زينت بڻيل رهيو پر تنهن هوندي به ٻنهي جي رحيم يار خان ۾ وڃي شادي ڪرائي وئي، جيڪڏهن پاڻ ڪجهه سال پوئتي مڙي ڏسنداسين ته  هڪ فهرست نظر ايندي جن واقعن کي پڻ ماضي جي نظر ٿيڻ ڏنو ويو.

بدين ضلعي جي تلهار تعلقي ۾ قائم ڳوٺ چنيري مان چئن هٿياربندن تماچي مينگهواڙ جي گهر ۾ داخل ٿي مينا مينگهواڙ ۽ هني مينگهواڙ کي اغوا ڪيو، 16 فيبروري 2015 تي ٿيل هن واقعي تي جڏهن پوليس حرڪت ۾ نه آئي انهن مجبور ٿي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ جو در کڙڪايو اغوا ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيو پر انصاف نه مليو، عمر ڪوٽ جي ڳوٺ محمد حيات مان 12 نومبر 2016تي اغوا ٿيل 16 سالن جي هنجو ڀيل جي وارثن کي پڻ انصاف نه مليو نه وري اغوا ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪو ڪيس دخل ٿيو، انصاف جو منتظر ته اڃا تائين سٺو ولد ملوڪ به آهي جنهن جي معصوم ڌيءُ وريتا کي 5جون 2017 تي اغوا ڪيو ويو، تلهار جي ڳوٺ شنڀو ڪولهي مان هٿيارن جي زور تي اغوا ٿيل ماروي ڪولهي ۽ پايل ڪولهي واري واقعي ۾ پڻ وارثن کي انصاف لاءِ پوليس کان ويندي عدالتن جي درن تائين ڌڪا کائڻ پيا جنهن سماج ۾ انصاف ملڻ مشڪل هجي اتي اهڙا الائي ڪيتراواقعا سرڪاري آفيسن جي ڪاغذن ۾ دٻجي ويندا آهن، ڪنري جي ڳوٺ سانوري مان اغوا ٿيل ريشما وارو واقعو به اڃا تازو ئي آهي توڙي جو اهو واقعو 29 نومبر 2017ع جو آهي پر اهو تازو انهي ءِ ڪري به جو درد ڪڏهن به پراڻو ناهي ٿيندو، 2 ڊسمبر 2017ع تي اغوا ٿيل مومل مينگهواڙ واري واقعي تي پڻ وارثن کي انصاف نه مليو، انصاف ته ڊگهڙي جي ڳوٺ الله ڏنو خاصخيلي جي رهواسي چندر مينگهواڙ کي به نه مليو جنهن جي گهر مان لڇمي کي اغوا ڪيو ويو هو پر اهو واقعو به ٻين واقعن جيا دٻجي ويو ، هي ڪجهه اهي واقعا هيا جيڪي منظرعام تي آيا پر اهڙا ڪيترائي واقعا هوندا جيڪي ڪجهه ماڻهن جي ڪنن تائين پهچي دٻجي ويا هوندا، پاڪستان هيومن رائيٽس ڪميشن جي تازي رپورٽ اهو پڻ واضح طور چيو ويو ته سنڌ ۾ هنڌ نارين جي زوري مذهب تبديل ڪرائڻ وارن واقعن ۾ خطرنا ڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي، 12 سالن کان 25سالن جي نارين کي زوري اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد مذهب تبديل ڪرائي سندن شادي ڪرايون وڃن ٿيون اهڙن واقعن جا پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان لوائي ٿي ڇو ته اغوا ڪندڙ ن کي مقامي وڏيرن، جاگيردارن ۽ سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل هجي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ناري جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بدران سندن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن، سول سوسائٽي اهو به پڻ چوندي رهي ته اڪثر جج نارين جي عمر کي نظر انداز ڪندي فيصلا  ٻڌائين ٿا، سنڌ ۾ رهندڙ اڪثر هندو غريب طبقي سان واسطو رکن ٿا، اڪثر هندو برادري جا ماڻهون عمر ڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ ۽ حيدرآباد ۾ رهن ٿا، اقليتي برادري اها پڻ دعويٰ ڪندي رهي آهي ته هر سال لڳ ڀڳ هڪ هزار ناريون اغوا ٿين ٿيون جن جو مذهب تبديل ڪرائي زوري سندن شادي ڪرائي وڃي ٿي، فيبروري 2013ع ۾ سنڌ حڪومت سماجي اڳواڻن جي احتجاج تي هڪ ڪاميٽي پڻ ٺاهي هئي جنهن جو مقصد جبري طور مذهب تبديل ڪرائڻ ۽ گهٽ عمر جون شاديون روڪرائڻ هو، سال 2016ع ۾ سنڌ اسيمبلي اهڙو قانون پڻ پاس ڪيو بدقسمتي سان ان تي اڃا تائين سنڌ جي گورنر صحيح ناهي ڪئي.

ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ نارين کي 18 سالن جي عمر کانپوءِ مڪمل آزادي هوندي آهي ته هو پنهنجي پسند تي شادي ڪن ۽ جيڪڏهن انهن جي دل چاهي مذهب به تبديل ڪن، پاڪستان ۾ پڻ اهڙي قانون سازي جي  ضرورت آهي ان کان وڌيڪ ان تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي حڪمرانن کي جلد کان جلد سنڌ ۾ هندو نياڻين جي اغوا وارا واقعا روڪرائڻ لاءِ نه صرف قدم کڻڻ گهرجن پر اڳ ۾ ٿيل سمورن واقعن جي جانچ پڻ ڪرائڻ گهرجي ته جيئن سنڌ ۾ رهندڙ اقليتي برادري جو ڪو به شخص پاڻ کي غيرمحفوظ نه سمجهي.