والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب وڌيڪ ست ڪشميري نوجوان شهيد

news

سرينگر:(آچر 04 آگسٽ 2019ع)  والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگردي دوران فائرنگ ڪري وڌيڪ 7 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج ضلع ڪپواڙه ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 7 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. ٻئي طرف ضلعي شوپيان ۾ سرچ آپريشن جي دوران گهر جي ملبي مان وڌيڪ 2 ماڻهن جون لاشون هٿ ڪيون ويون آهن.

گذريل ڏينهن به قابض ڀارتي فوج 2  ڌار ڌار واقعن ۾ سرچ آپريشن جي دوران رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

شهيد ٿيندڙ نوجوان مقامي يونيورسٽي جا شاگرد هئا. ياد رهي ته 4 ڏينهن اڳ به ڀارتي فوج ضلع بانڊي پوره ۾ رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي 4 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪالهه وڌيڪ 2 نوجوانن کي نشانو بڻايو هو. جڏهن ته گذريل 4 ڏينهن ۾ شهيد ٿيندڙن  جو انگ 14 ٿي ويو آهي.