ڪوئٽه: چمن روڊ تي مسافر ڪوچ ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، ست ڄڻا فوت، ٻه زخمي

news

ڪوئٽه:  (آچر 04 آگسٽ 2019ع) بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله ۾ چمن روڊ تي مسافر ڪوچ  ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.

تفصيل موجب چمن کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوج تيز رفتاري سبب قلعه عبدالله جي هنڌ جنگل پير عليزئي ۾ ڊاٽسن مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڊاٽسن ۾ سوار اٺ ڄڻا مسافر بس جي هيٺيان اچي ويا. حادثي ۾ 7 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي اسسٽنٽ ڪمشنر قلعه عبدالله جهانزيب شيخ، ليويز فورس سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. لاشن کي ڪڍڻ جي لاءِ ڪرين گهرائي وئي . جنهن کان پوءِ فوتين ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.