پاڪستان پوليس دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: آرمي چيف

news

راولپنڊي: (آچر 04 آگسٽ 2019ع) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پوليس جي شهيدن کي سلام پيش ڪيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عبدالغفور سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان پوليس جي شهيدن ۽ ان جي وارثن کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس هميشه مضبوط فورس هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. ۽ پاڪستان جي پوليس دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ ڪيل آپريشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ياد رهي ته اڄ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانه پيش ڪندڙ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ اڄ شهيد پوليس  جي جوانن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

شهيدن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد قوم جي ان بهادرن کي سلام پيش ڪرڻ ۽ سندن وارثن سان گڏ ان جي ياد ۾ وڏين تقريبن جو اهتمام ڪرڻ آهي.