مال پڙين ۾ اسپري نه ٿيڻ سبب ڪانگو وائرس ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويو

news

ڪوئٽه: (آچر 04 آگسٽ 2019ع) بلوچستان جي مال پڙين ۾ اسپري نه ٿيڻ سبب ڪانگو وائرس ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. اسپتال آندل 24 مان 11 مريضن کي ڪانگو وائرس جي سڃاڻپ ٿي وئي.

مريضن جو چوڻ آهي ته وائرس جي سڃاڻپ ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري اسان انهي مرض ۾ وٺجي وڃون ٿا. ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان کان قرباني جي عيد لاءِ قرباني جا جانور آڻڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ان دوران ڪانگو وائرس جي وڌڻ جو خطرو به وڌي ويو آهي.

فاطمه جناح چسٽ اسپتال جي وبائي مرض جي وارڊ ۾ هينئر تائين پاڙيسري ملڪ سميت  پوري صوبي مان 24 مريضن کي آندو ويو. جنهن مان 11 مريضن کي مرض جي سڃاڻپ ٿي جڏهن ته هڪ مريض زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. علاج هيٺ مريض جو چوڻ آهي ته صوبي جي ڏوراهين علائقن ۾ طبي سهوليتن جي کوٽ هجڻ ڪري پريشانيون وڌي وڃن ٿيون.

وبائي مرض جي وارڊ انتظاميه جو چوڻ آهي ته وارڊ ۾ مريضن جي لاءِ طبي سهوليتن جي کوٽ آهي، بيڊ گهٽ هجڻ ڪري مريضن کي طبي امداد جي فراهمي ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. وبائي مرض وارڊ ۾ مرض جي سڃاڻپ جي لاءِ ٺاهيل جديد ليبارٽري بند هئڻ ڪري مريضن جي رت جا نمونا آغا خان يا نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موڪليا ويندا آهن جنهن ۾  هڪ هفتو لڳي ويندو آهي.