ڪينيڊا ۾ ڏيڏرن جي سالياني لڏپلاڻ تي خاص انتظام

news

ٽورنٽو: آچر 04 آگسٽ 2019ع: هي جانور دوست خبر ڪينيڊا جي هڪ ننڍڙي علائقي وسلر مان آئي آهي جتي ڏيڏرن جي سالياني لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي ان موقعي تي ڪيترن ئي اهم رستن کي بند ڪيو ويو آهي. هر سال ڪينيڊا ۾ برٽش ڪولمبيا جي علائقي وسلر ۾ موجود هڪ درياهه مان ڏيڏرن جا انتهائي ننڍڙا ٻچا ڊگهو سفر طئه ڪري ويجهي جهنگ جو رخ ڪندا آهن جنهن کي سالياني لڏپلاڻ قرار ڏنو ويندو آهي.

اهي ٻچي درياهه تي ڏنل آنن مان نڪرندا آهن، ان موقعي  تي جانور دوست انتظاميه لوسٽ نالي درياهه جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح هڪ ننڍي جانور کي بچائڻ لاءِ وڏي پيماني تي تبديليون ڪيون ويون آهن.

بلدياتي انتظاميه درياهه جو رستو بند ڪرڻ سان گڏوگڏ آس پاس جي پارڪنگ ۽ لان ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن، اميد آهي ته هن سال ڏيڏرن جا 40 هزار کان وڌيڪ ٻچا لڏپلاڻ ڪندا، جهنگلي حيات جي ماهرن ان لاءِ خاص رستو پڻ ٺاهيو آهي.

ڏيڏرن جي ٻچا انسان ننهن جيترا هوندا آهن ۽ ان جي ڪري ماڻهو ان کي نظرانداز ڪندا چيڀاٽي ڇڏيندا آهن، ان ئي جي ڪري رستن تي هر جاءِ تي انتباهي بورڊ ۽ بينر پڻ لڳايا ويا آهن، جيتوڻيڪ اڃان لڏپلاڻ عروج تي ناهي پهتي ٻي صورت ۾ ان جي بقاءَ جي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.