سينيٽ اليڪشن ۾ حڪومت کي بي نقاب ڪرڻ اپوزيشن جي اخلاقي فتح آهي: بلاول ڀٽو زرداري

news

نئون ديرو: آچر 04 آگسٽ 2019ع:سينيٽ اليڪشن تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن بابت ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب فون تي ٿيل رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سليڪٽيڊ حڪومت کي بي نقاب ڪرڻ جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ذريعن وٽان اها به ڄاڻ ملي آهي ته بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان ايندڙ هفتي ملاقات تي اتفاق ٿي ويو آهي. فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ حڪومت کي بي نقاب ڪرڻ اپوزيشن جي اخلاقي فتح آهي.

حڪومت جو غير جمهوري رويو دراصل اپوزيشن جي فتح آهي. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهداءِ پوليس کي سلام پيش ڪرڻ واري ڏينهن تي نئون ديرو هائوس مان خصوصي پيغام جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليس جا شھيد قوم جا عظيم سپوت آھن.

سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان پوليس جي شھيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان جي قيام کان اڄ تائين پوليس آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي خون سان امن جي داستان رقم ڪندا رهيا آھن. هر رستي ۽ گهٽيءَ ۾ قائم امن جي اجالن ۾ پوليس جوانن جون قربانيون ۽ خون شامل آھي. انهن جي قربانين جي دم سان عوام جي جان و مال محفوظ آھن.

قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ پوليس جو ڪردار به بيمثال آھي. اهو سنڌ پوليس جي قربانين جو ثمر آھي جو اڄ ڪراچي کان ڪشمور تائين عوام پنهنجو پاڻ کي گهڻو محفوظ سمجهي ٿو. سنڌ جي عوامي حڪومت پوليس جي قربانين کي ڪڏھن به فراموش ناهي ڪيو.

پ پ حڪومت شھيدن جي وارثن جي بهبود لاءِ خاطر خواھ قدم کنيا آھن ۽ اڳتي به کڻندي رهندي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ عزت جي وانڍ پهچي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جيل ڀوڳيندڙ ۽ جدوجهد ڪندڙ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهي ساٿي ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي ڪمدار الهه بخش عرف علڻ ڪمدار ناريجو جي وفات تي سندس پٽن يونين ڪائونسل عزت جي وانڍ جي چيئرمين لياقت علي ناريجو، سب انسپيڪٽر عبدالمجيد ناريجو ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪري ھمدردي جو اظھار ڪيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ڳوٺ عزت جي وانڍ پهچڻ کان اڳ سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.01