اداڪارا ناديا جميل ٻن مختلف بيمارين جي شڪار

news

لاهور: آچر 04 آگسٽ 2019ع: پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ناديه جميل ٽوئيٽر تي پنهنجي صحت جي حوالي سان پيش اينڊڙ مسئلن کان مداحن کي آگاهه ڪيو، بالو ماهي ۽ بي حد جهڙن ڊرامن ۾ پنهنجي جاندار پرفارمنس سان لکين مداحن جي پسنديدا اداڪارا هڪ ئي وقت ٻن مختلف بيمارين کي منهن ڏئي رهي آهي.

اداڪارا ناديه جميل همت ۽ مضبوط سان ٻن بيمارين سان جدوجهد ڪري رهي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آحي ته ناديه چڪر اچڻ ۽ مرگهي جي بيماري کان متاثر آهي.

جيتوڻيڪ اهي حياتي کي خطرو پيدا ڪندڙ بيماريون ناهن، پر ٻن طرح جي تڪليف گڏ ٿيڻ سان ان جي لاءِ چيلينج جي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي.

ناديا جميل پنهنجي ان حالت کي هڪ ٽوئيٽ ۾ بيان ڪيو آهي، هن هفتي تي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته مرگهي ۽ چڪري جي بيماري کان متاثر آهيان، اها زندگي کي خطرو پيدا ڪندڙ بيماري ناهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ان سان زندگي تي چيلينجز بڻجي ويندا آهن.